اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، شاگردياڻيون محفوظ

اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، شاگردياڻيون محفوظ

شاهپورجهانيان (اسد جاني) ڳوٺ گچيرو پراڻو ۾ گورنمينٽ گرلس مڊل اسڪول جي ڪلاس جا اوچتو ڌماڪي سان ڇت جا چاپڙ ڪري پيا ، جنهن دوران ڪلاس ۾ موجود استادياڻي ۽ شاگردياڻيون محفوظ رهيون، ڌماڪي سبب اسڪول ۾ خوف حراس واري فضا ڇائنجي وئي. هوڏانهن اطلاع ملڻ تي يونين ڪائونسل گچيرو پراڻو جو چيئرمين مير حسن ٻگھيو اسڪول پهتو جنهن اسڪول جي مڪمل وزٽ ڪئي ڪلاس جا ڪريل چاپڙ ۽ اسڪول جي زبون  حالت ڏٺي ۽ ان بابت مڪمل رپورٽ لکي.

ان موقعي تي يوسي چيئرمين چيو ته هي اسڪول قديمي آهي  پر مرمت نه ٿيڻ ڪري اسڪول زبون ٿي ويو آهي هن اسڪول ۾ وڏي تعداد ۾ گچيرو پراڻو ، ارگو ٻگهيو ، لغاري بجاراڻي سميت آسپاس جي ڳوٺن جون نياڻيون تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اچن ٿيون اسڪول جي بلڊنگ زبون هجڻ ڪري هر وقت خوف ۾ هجڻ سبب شاگردياڻين جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته مان اسڪول جي اهڙي رپورٽ لکي آهي جيڪا سنڌ حڪومت، تعليم کاتي، ايجوڪيشن ورڪس کاتي ۽ ٻين وس وارن عملدارن ڏانهن موڪليندس ته جيئن اسڪول جي مرمت ۽ بهتري ٿي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو