مانجهند(مهراڻ عمراڻي) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي طرفان ڪارڪنن جي نظرياتي تربيت لاءِ ٻن ڏينهن وارو ليڪچر پروگرام ڪرايو ويو جنهن ۾ سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عورتن سميت ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ليڪچر پروگرام کي خطاب ڪندي پارٽي سربراه سيد جلال محمود شاه چيو ته اسڪول جو مقصد ڪارڪنن جي بهتر تربيت ڪرڻ آھي ڪارڪن کي سياست، تاريخ، جاگرافي، معشيت، ادب، بين الاقوامي صورتحال سميت هر موضوع جي ڄاڻ ھئڻ لازمي آھي.

سياسي ڪارڪن کي دنيا جي ملڪن جي باري ۾ ڄاڻ نهايت ضروري هجڻ گهرجي بين الاقوامي تبديلن جو اڀياس تمام ضروري آھي ڪارڪن تربيت وٺي هيٺ تائين پهچائين ايندڙ پروگرامن ۾ مختلف شعبن جي ماهرن کي گهرائي باقائده ڪلاس هلائي سکڻ جا موقعا پيدا ڪيا ويندا. اسڪول ۾ ڪارڪنن کي مختلف شعبن جي ماهرن کي گهرائي ليڪچر ڪرايا ويندا 3 مهينن کان پوءِ وري اسڪول ۾ ڪارڪن جي تربيت ڪئي ويندي. ان موقعي تي سيد غلام شاه، ادريس چانڊيو، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو مختلف شعبن تي ليڪچر ڏنا. جڏهن ته ليچر پروگرام ۾ ايڊووڪيٽ عاصمه ابڙو، حافظ بخشل سيهڙو، خدا بخش ٿيٻو ۽ ٻين پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.










