اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي جاچ جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي پر عمران خان کي به جاچ جو حصو بڻجڻو پوندو.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته اوهان عوام کي هر وقت بيوقوف نٿا بڻائي سگهو، عمران خان، اوهان شهباز شريف، راڻا ثناءُ الله ۽ اعليٰ آفيسرن جو نالو ٿا وٺو پر ڪا به تحقيق ۽ ثبوت پيش نه پيو ڪيو وڃي.سڌ سماءَ واري وزير چيو ته پوليس ۽ جاچ ادارن کي شوڪت خانم اسپتال وڃڻ جي اجازت ناهي ڏني پئي وڃي، عمران خان قانون بدران پنهنجي پسند جي ايف آءِ آر درج ڪرائڻ چاهي ٿو.










