لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف کي مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض جي ڪيس جو فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جڏهن ته عدالت قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض کي هٽائڻ واري درخواست تي لکت ۾ فيصلو ٻڌائيندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي اپوزيشن ليڊر جي معاملي تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ جي لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اپوزيشن ليڊر راجا رياض بابت درخواست تي 30 ڏينهن اندر فيصلو ڪري.عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته ايڊيشنل اٽارني جنرل لاڳاپيل اختيارين کي عدالتي حڪم بابت آگاهه ڪري ۽ رجسٽرار آفيس درخواست ۽ فيصلي جي تصديق ٿيل ڪاپي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي موڪلي.










