اسٽيٽ بئنڪ جو ٻوڏ متاثرن لاءِ وڏو اعلان

اسٽيٽ بئنڪ جو ٻوڏ متاثرن لاءِ وڏو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ ٻوڏ متاثر هارين کي واڌو قرض ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان موجب هن ڀيري ٻوڏ متاثر هارين کي واڌو قرض ڏنو ويندو، هارين کي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 381 ارب رپين جا واڌو قرض ڏنا ويندا.اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته موجوده سال 1800 ارب رپين جي زرعي قرضن جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪڻڪ جي فصل لاءِ 140 ارب، ٽريڪٽر فنانسنگ لاءِ 45 ارب رپين جا قرض ڏنا ويندا.اسٽيٽ بئنڪ موجب هارويسٽرز سميت فارم مشينري لاءِ 20 ارب رپيا فراهمي جو هدف مقرر آهي، غذائي تحفظ لاءِ قرض جي علامتي حد 60 هزارن مان وڌائي هڪ لک ڪئي وئي آهي، آبادگار بهتر فصلن لاءِ معياري ڪچو تيل استعمال ڪري سگهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو