راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته سڀاڻي انتهائي اهم ڏينهن آهي، ملڪي تاريخ ۾ اهڙي اليڪشن ڪڏهن نه ڏٺي، اسٽيبلشمينٽ کي گذارش آهي ته چونڊون کان پري رهي. تفصيل موجب اڳوڻي گهرو وزير وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته اٽڪ عدالت 8 تاريخون ڏنيون آهن، ايترا ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا آهن جو هر روز عدالت ۾ پيش ٿيڻو آهي.هن چيو ته مان اڄ اسٽيبلشمينٽ سان ڪنهن اهم ڳالهه تي ڳالهائڻ چاهيان ٿو، سڀاڻي انتهائي اهم ڏينهن آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ اهڙي اليڪشن ڪڏهن به نه ڏٺي آهي.وڊيو بيان ۾ شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته سڀاڻي جي چونڊن ۾ اسٽيبلشمينٽ کي ثابت ڪرڻو آهي ته هو غير جانبدار آهن، عمران خان تي آرٽيڪل 6 لڳائڻ وارا عقل جا انڌا آهن، هي سپريم ڪورٽ جو اضافي فيصلو آهي، انهن وٽ عقل جي کوٽ آهي. ٻه يا هڪ ووٽ قوم تي مسلط ڪيو ويو.اڳوڻي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته سڀاڻي جيڪڏهن قوم عمران خان کي ووٽ ڏئي ته سندس رستو نه روڪيو وڃي، هي سياسي استحڪام جي امتحان جو ڏينهن آهي، پاڪستان جي سياسي استحڪام جي ڏينهن عوام کي فيصلو ڪرڻو پوندو، ڪنهن کي به مداخلت نه ڪرڻ گهرجي.










