اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار دوران زبردست تيزي

اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار دوران زبردست تيزي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت لاڙي سبب انڊيڪس هڪ لک 79 هزار پوائنٽن جي حد تي بحال ٿي ويو.ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي ئي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي، 2300 کان وڌيڪ پوائنٽن جي واڌ سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 79 هزار 536 پوائنٽن جي سطح تي پهچي ويو. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 77 هزار 83 پوائنٽن جي سطح تي بند ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو