اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي دوران مثبت رجحان رهيو

اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي دوران مثبت رجحان رهيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي هفتيوار اپ ڊيٽ سامھون اچي وئي آھي، ڪاروباري هفتي دوران ڪاروبار جو رجحان مثبت رهيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هلندڙ هفتي 100 انڊيڪس 5072 پوائنٽن جي اضافي سان 176,094 تي بند ٿيو. ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 4510 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهيو، جڏهن ته 100 انڊيڪس جي هفتيوار بلند ترين سطح 179,123 ۽ گهٽ ۾ گهٽ سطح 174,612 رهي.شيئرز بازار ۾ هن هڪ هفتي اندر 158 ارب رپين جي ماليت جي 4.15 ارب شيئرز جا سودا طئي ٿيا. مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن سڄي هفتي ۾ 477 ارب رپين جي اضافي سان 19,755 ارب رپيا ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو