پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار بئريسٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته استعيفيٰ، اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ حڪومت مان نڪرڻ لاءِ تيار آهيون.هڪ بيان ۾ بئريسٽر محمد علي سيف چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت عمران خان جي هر حڪم تي عمل ڪندي.هن چيو ته سياسي بحران جي خاتمي جو واحد حل نيون ۽ شفاف چونڊون آهن، راولپنڊي ۾ تاريخي پاور شو سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.بئريسٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن درآمدي حڪومت ملڪ ۽ قوم سان مخلص آهي ته پوءِ چونڊن جو اعلان ڪري.










