اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي تاريخي فيصلي کانپوءِ بني گالا ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اهم مشاورتي اجلاس ٿيو ذريعن موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ وفاقي وزير ۽ قانوني ٽيم شرڪت ڪري رهي آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو جائزو ورتو پيو وڃي، اجلاس ۾ مستقبل جي حڪمت عملي جو به فيصلو ڪيو پيو وڃي. پي ٽي آءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي استعيفيٰ جي آپشن تي به غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب پارٽي وزيرن ۽ اڳواڻن پاران مختلف تجويزون پيش ڪيون پيون وڃن










