اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ناروي ۾ قرآن پاڪ جي توهين واري واقعي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اسلام مخالف ڪارروايون ڪنهن ب صورت ۾ قبول نه ڪيون وينديون. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ذريعن مطابق اجلاس ۾ وزيراعظم عمران ناروي ۾ مسلمانن جي جذبن کي مجروح ڪرڻ واري واقعي جي شديد مذمت ڪئي ۽ وزارت خارجه کي اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي سان رابطي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ذريعن مطابق وزارت خارجه ناروي واقعي تي او آءِ سي جو هنگامي اجلاس گهرائڻ لاءِ خط به لکندي. يورپي يونين ۾ به اهو معاملو اٿارڻ جو فيصل ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران جو چوڻ هو ته ناروي واقعو اسلامو فوبيا جي هڪ تازو مثال آهي ليڪن اسلام مخالف ڪاررويون ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف غير ملڪي فنڊنگ ڪيس تي به بريفنگ ڏني وئي ان حوالي سان بابر اعواڻ کي اهم ٽاسڪ به ڏنو ويو آهي. ذريعن مطابق ڪور ڪميٽي ميمبرن پنجاب حڪومت جي انتظامي معاملن تي به تحفظات جو اظهار ڪيو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسلام مخالف تنظيم سان تعلق رکندڙ شخص ناروي جي ڪرستيان ساند شهر جي پر رونق علائقي ۾ پهريان ماڻهو گڏ ڪيا جنهن کان پوءِ ماڻهن اڳيان قرآن ڪريم کي باهه ڏئي مسلمانن جي جذبن کي تڪليف پهچائي. مسلمانن جي مقدس ڪتاب قرآن ڪريم کي باهه کان بچائڻ لاءِ هڪ نوجوان الياس تيزي سان اڳتي وڌيو ۽ اسلام مخالف شخص کي قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪرڻ کان روڪيو جنهن تي سڄي دنيا جي مسلمان طرفان ان کي پذيرائي ملڻ سان گڏ ان کي هيرو قرار ڏنو پيو وڃي. ان واقعي تي سڄي دنيا جي مسلمانن ۾ شديد غم ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي جڏهن ته دفتر خارجه ۽ پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنر آصف غفور به توهين قرآن واري واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي.










