اسلام آباد (بيورو)اسلام آباد ۾ ڊينگي سبب هڪ ٻيو شخص فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ڏينهن ۾ ڊينگي جا 75 نوان ڪيس سامهون آيا آهن.ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر (ڊي ايڇ او) ڊاڪٽر زعيم ضياءَ موجب اسلام آباد ۾ ڊينگي سبب وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، فوتي اسلام آباد جي علائقي ترلائي جو رهواسي هو. ڊي ايڇ او موجب گذريل 5 ڏينهن ۾ ڊينگي سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 3 ٿي ويو آهي، اسلام آباد ۾ هلندڙ سال ڊينگي سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 4 ٿي ويو آهي. ڊاڪٽر زعيم ضياءَ موجب هڪ ڏينهن ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 75 ڪيس سامهون آيا آهن، ان کان علاوه گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 54 ڄڻا ڊينگي ۾ متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته شهري علائقن ۾ 21 ڄڻن ۾ ڊينگي جي تصديق ٿي آهي.ڊي ايڇ او موجب اسلام آباد ۾ ڊينگي جي مريضن جو انگ 743 ٿي ويو آهي، اسلام آباد جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڊينگي جا وڌيڪ ڪيس سامهون اچي رهيا آهن.










