اسلام آباد(بيورو رپورٽ)شهر ۾ لغڙ بازي تي پابندي لڳائي وئي آهي.ضلعي انتظاميا موجب حڪمن جي ڀڃڪڙي تي قلم 144 تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد پاران لغڙ بازي تي پابندي جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب پابندي اڄ کان 2 مهينن لاءِ لاڳو هوندي.ان کان علاوه لغڙ جي خريد و فروخت ڪندڙن خلاف به ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو.










