اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ جي حوالي سان امن امان جي ممڪن خراب صورتحال کي نظر ۾ رکندي سب جيل قائم ڪئي وئي آهي.اسلام آباد جي چيف ڪمشنر جيل ايڪٽ تحت قائم ڪيل سب جيلن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب انڊسٽريل ايريا سي آءِ اي بلڊنگ کي سب جيل قرار ڏنو ويو آهي ۽ جيڪڏهن صورتحال خراب ٿي ته گرفتار ماڻهن کي سب جيل ۾ رکيو ويندو.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد سب جيل ۾ قيدين ۽ عمارت جي سڪيورٽي اسلام آباد پوليس جي هوندي، جڏهن ته جيل ۾ قيدين جو رڪارڊ 17 گريڊ جي پوليس آفيسر وٽ هوندو.










