اسلام آباد هر حال ۾ 31 تي داخل ٿبو، ترسڻ بابت فيصلو رهبرڪميٽي حوالي

اسلام آباد هر حال ۾ 31 تي داخل ٿبو، ترسڻ بابت فيصلو رهبرڪميٽي حوالي

سکر (امداد ڪلوڙ) جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آزادي مارچ هر صورت ۾ ٿيندو، اسلام آباد ۾ ڪيترو وقت ترسڻو آهي، اُن جو فيصلو رهبر ڪميٽي ڪندي. سکر ۾ پارٽي اڳواڻن سان مشاورت بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان  حسين $ جو موقف اختيار ڪيو آهي، يزيد سان بعيت نه ڪنداسين. حڪومت ڪشمير جو سودو ڪري قومي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي وئي آهي. 27 آڪٽوبر تي ڪشميرين سان ٻڌيءَ جو اظهار ڪرڻ لاءِ سموري ملڪ جا ڪارڪن ڀرپور مظاهرو ڪندا جنهن بعد اسين آزادي مارچ شروع ڪنداسين. مارچ جي تاريخ ۾ ڪا به تبديلي نه ٿيندي. مارچ لازمي ٿيندو ۽ 31 آڪٽوبر تي قافلا اسلام آباد ۾ داخل ٿيندا. حڪومت سان ڳالهين بابت پُڇيل سوال تي مولانا چيو ته اسين ڳالهين کان انڪار ناهي ڪيو، رهبر ڪميٽي جمعه تي حڪومتي ڪميٽي سان ڳالهيون ڪندي، سموريون اپوزيشن جماعتون هڪ پيج تي آهن ۽ رهبر ڪميٽي مشاورت سان حڪومتي ڪميٽي کي جواب ڏيندي. هن چيو ته اهو رهبر ڪميٽي طئه ڪندي ته اسلام آباد پهچڻ کانپوءِ ڪيترو وقت ترسڻو آهي. جي يو آءِ ف جي سربراهه چيو ته هڪ پاسي حڪومت چئي رهي آهي ته ڳالهين جا در بند نه ڪيا آهن، ٻئي پاسي ڳجهي نموني ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.هوڏانهن حڪومت جي هدايت تي پوليس جون مارچ کي روڪڻ بابت مشقون جاري آهن، ٻين صوبن مان پوليس گهرائڻ، ڪنٽينر رکي رستا بند ڪرڻ لاءِ 15 ڪروڙ جاري ڪيا ويا آهن. پرويز خٽڪ چيو آهي ته حڪومتي پلان موجب احتجاج ڪيو ويو ته کين ماني کارائبي جيڪڏهن ابتو ڪم ٿيو ته فورسز تيار آهن. حڪومت جي يو آءِ جي مبينه ذيلي تنظيم انصار الاسلام تي اربع تي پابندي هڻڻ بعد خميس تي ان جي ڪارڪنن تي اسلام آباد ۾ داخلا تي پابندي مڙهي آهي. مولانا فون تي بلاول ۽ نواز شريف سان رابطو ڪيو. نواز کان طبيعت پڇي ۽ بلاول کي چيو ته سکر مان مارچ ۾ شريڪ ٿي. بلاول کيس چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ايندس پوءِ ملنداسين ۽ صلاح ڪنداسين. مولانا چيو ته نواز شريف ۽ زرداري ٻنهي سان حڪومت زيادتي ڪري رهي آهي ۽ هنن جي طبيعت خراب آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو