توهين عدالت، شوڪاز جاري، 31 تي عمران خان طلب

توهين عدالت، شوڪاز جاري، 31 تي عمران خان طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي توهين عدالت جو شوڪاز نوٽيس اماڻيو ويو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ تي توهين عدالت ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس طرفان عمران خان جي رهائشگاهه تي شوڪاز نوٽيس موڪليو ويو آهي. شوڪاز نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان عورت جج بابت توهين ۽ ڌمڪيون ڏيندڙ تقرير ڪئي، اها تقرير اسلام آباد ۾ جلسي دوران ڪئي. نوٽيس جي متن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عمران خان توهين آميز ۽ ڌمڪين واري تقرير ڪئي، حق ۾ فيصلو وٺڻ لاءِ هن پنهنجي تقرير ذريعي انصاف جي راهه ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، عمران خان 31 آگسٽ تي پيش ٿي وضاحت ڪري ته هن ائين ڇو ڪيو؟ ۽ سندس خلاف ڇو نه توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو