اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد جي ميئر جي چونڊ ۾ مسلم ليگ (ن) جي اميدوار سوڀ ماڻي ورتي. غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ميئر اسلام آباد جي چونڊ ۾ مسلم ليگ (ن) جي اميدوار پير عادل شاهه گيلاني کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب (ن) ليگي اميدوار پير عادل شاهه گيلاني 43 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته تحريڪ انصاف جو اميدوار ملڪ ساجد محمود 26 ووٽ کنيا.










