اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي درخواست تي راڄڌاني اسلام آباد ۾ جلسي ۽ ڌرڻي جي اجازت نه ڏيڻ تي اسلام آباد انتظاميا کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ اڳواڻ علي نواز اعواڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسلام آباد انتظاميا کي سڀاڻي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چوڻ آهي ته اسلام آباد انتظاميا جا بااختيار آفيسر سڀاڻي عدالت ۾ پيش ٿين.










