واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)اسرائيل فلسطيني آمريڪين لاءِ ويزا ۾ نرمي جو اعلان ڪري ڇڏيو.فلسطيني-آمريڪي ٻه شهريت سان ويسٽ بئنڪ ۽ غزه ۾ رهندڙ پڻ ويزا جي معافي مان فائدو حاصل ڪري سگهندا.آمريڪا ۾ 100,000 فلسطيني رهن ٿا، جيڪي هاڻي آساني سان پنهنجي وطن فلسطين وڃي سگهندا. ان کان اڳ آمريڪا ۾ رهندڙ فلسطينين کي پنهنجي وطن وڃڻ دوران مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو.آمريڪا ڪجهه آمريڪي شهرين سان امتيازي سلوڪ ڪرڻ تي اسرائيل کي يو ايس ويزا ويور پروگرام (VWP) ۾ شامل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.ان صورتحال سبب اسرائيل کي مجبور ڪيو ويو آهي ته هو اهو قدم کڻي ۽ ويزا پاليسي ۾ نرمي ڪري.اسرائيلي اقدام کانپوءِ آمريڪي حڪومت هن سال سيپٽمبر تائين فيصلو ڪندي ته اسرائيل کي ويزا جي معافي واري پروگرام ۾ شامل ڪيو وڃي يا نه.










