جي 7 ملڪ تمام گهڻو خوش آهن ته ايران سان معاهدو ڪري ورتو

جي 7 ملڪ تمام گهڻو خوش آهن ته ايران سان معاهدو ڪري ورتو

پيرس (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ چيو آهي ته جي سيون (G7) ملڪ تمام گهڻو خوش آهن ته اسان ايران سان معاهدو ڪري ورتو آهي.جي سيون اجلاس جي پڄاڻي تي آمريڪي صدر ٽرمپ پاران پيس ڪانفرنس ڪئي وئي، ان موقعي تي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو به سندس سان گڏ موجود هو.ان دوران آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته جي سيون ملڪن سان ايران معاهدي جي تفصيلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، جي سيون ملڪ تمام گهڻو خوش آهن ته اسان ايران سان معاهدو ڪري ورتو آهي.ڊونالڊ ٽرمپ چيو ته مان دنيا ۾ معيشت جي بدحالي نه پئي چاهي، جيڪڏهن معاهدو نه ڪريون ها ته هرمز جو لنگهه (آبنائے ہرمز) نه کلي ها.

اسرائيل لبنان ۾ حملا بند نه ڪيا ته کيس سخت ردعمل کي منهن ڏيڻو پوندو

ايراني هٿياربند فوج جي “خاتم الانبياء سينٽرل هيڊڪوارٽر” چيو آهي ته گذريل ٻن ڏينهن دوران اسرائيل ڏکڻ لبنان ۾ جنگ بندي جي 84 ڀيرا خلاف ورزي ڪئي آهي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي صدر پاران جنگ جي خاتمي جي اعلان جي باوجود صهيونيزم (اسرائيلي) فوج ڏکڻ لبنان ۾ پنهنجون ڪارروايون جاري رکيون ٿيون اچي.خاتم الانبياء هيڊڪوارٽر خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ پنهنجون ڪارروايون بند نه ڪيون ته کيس ايران جي طاقتور هٿياربند فوج پاران سخت ردعمل جو سامنو ڪرڻو پوندو.

جي سيون (G7) ملڪن پاران ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ معاهدي جي آجيان

خبرن واري ايجنسي موجب، جي سيون ملڪن پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته هو ايران ۽ آمريڪا جي معاهدي جي حمايت ڪن ٿا ۽ معاهدي تي اثرائتي عملدرآمد لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن. گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بين الاقوامي سمنڊي لنگهن تان بنا ڪنهن پابندي يا ٽول (ٽيڪس) جي آمد و رفت عالمي واپار جو بنياد آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هو لبنان ۾ فوري ۽ مضبوط جنگ بندي ۽ لبناني قيادت پاران حزب الله کي هٿيار ڦٽا ڪرائڻ جي ڪوششن جي به حمايت ڪن ٿا. ان کان علاوه جي سيون ملڪن هرمز جي لنگهه (آبنائے ہرمز) تي انحصار گهٽ ڪرڻ ۽ توانائي جي ذخيرن ۾ اضافي جي عزم جو اظهار پڻ ڪيو.

”8 جون تي ايران تي وڏو فضائي حملو ڪرڻ وارا هئاسين پر صرف هڪ ڪلاڪ اڳ روڪيو ويو“: اسرائيلي ائير چيف

اسرائيلي اخبار جي رپورٽ موجب، ائير فورس چيف جنرل اوهمر ٽشلر انڪشاف ڪيو آهي ته عارضي جنگ بندي کانپوءِ ايران ۽ اسرائيل جي ڇڪتاڻ ٻيهر وڌڻ تي 8 جون تي پوري اسرائيلي ائير فورس ايران تي وڏي حملي لاءِ تيار هئي. اسرائيلي ائير چيف موجب، اسرائيلي ائير فورس کي ايران جي سوين هدفن کي نشانو بڻائڻو هو پر حملو صرف هڪ ڪلاڪ اڳ روڪيو ويو. رپورٽ موجب، جنرل اوهمر ٽشلر چيو ته هڪ ڪلاڪ اڳ اسڪواڊرنز کي بريفنگ ڏيڻ دوران حملا ان ڪري روڪيا ويا ڇاڪاڻ ته صدر ٽرمپ نيتن ياهو کي حڪم ڏيندي چيو هو ته حملي جي صورت ۾ اسرائيل اڪيلو هوندو. آمريڪا ۽ ايران جي مفاهمتي ياداشت تي صحيحون جمعي تي ٿينديون

پاڪستان سميت ٻين ملڪن سان رابطي ۾ آهيون: سوئس اختيارين

سوئس پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي مفاهمتي ياداشت تي صحيحون جمعي تي ٿينديون ۽ ان حوالي سان سوئٽزرلينڊ آمريڪا، ايران، پاڪستان ۽ قطر سان ويجهي رابطي ۾ آهي. ترجمان موجب، ڌرين ۽ ثالثن جي تجويز تي اها ملاقات برگن اسٽاڪ ۾ رکي وئي آهي، سوئٽزرلينڊ ان عمل ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ ملاقات لاءِ عملي توڙي سفارتي ماحول فراهم ڪري رهيو آهي.

اسرائيل جا ڏکڻ لبنان تي ڪيترا ئي فضائي حملا، حزب الله پاران جوابي راڪيٽ حملا

عرب ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ ضلع نبطيه جي علائقي ڪفر تبنيت جي ڀرپاسي وارن علائقن کي نشانو بڻايو ۽ ڪيترا ئي فضائي حملا ڪيا. عرب ميڊيا جو ٻڌائڻ آهي ته اسرائيلي فوج النبطيه الفوقا قصبائي تي به ڪيترا ئي حملا ڪيا، جڏهن ته علي الطاهر جي ٽڪرين ۽ قصبائي جي آس پاس گولا باري پڻ ڪئي. ٻئي طرف لبناني مزاحمتي تنظيم حزب الله پڻ اسرائيلي فوجي پوزيشنن ڏانهن 10 راڪيٽ فائر ڪيا آهن.

نئون معاهدو ايران جي نييوڪليئر صلاحيت خلاف ڀِٽ آهي: ٽرمپ

فرانس ۾ گڏيل عرب امارات  جي صدر سان ملاقات ۾ ڊونالڊ ٽرمپ چيو ته ايران معاهدي کي ڪانگرس ڏانهن موڪلڻ جو خيال سٺو آهي، ايران ڊيل ڪانگرس کي نظرثاني لاءِ موڪلي سگهجي ٿي پر نئون معاهدو ايران جي نييوڪليئر صلاحيت خلاف هڪ مضبوط ڀِٽ (ديوار) آهي. ايران سان پنهنجي معاهدي جو موازنو اوباما معاهدي سان ڪندي ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته اوباما جو ايران معاهدو وچ اوڀر لاءِ خطرناڪ هو، جيڪو ايران کي نييوڪليئر هٿيار حاصل ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهيو ٿي.هن وڌيڪ چيو ته ايران جلد معاملو حل ڪرڻ ۽ ڪاروبار ڏانهن واپس اچڻ چاهي ٿو، ايران سان معاهدي جا نڪتا هڪ ٻن ڏينهن ۾ هو پاڻ ميڊيا کي پڙهي ٻڌائيندو. معاهدي تحت هرمز جو لنگهه (آبنائے ہرمز) جمعي کان مڪمل طور تي کلي ويندو ۽ اتي ڪو به ٽول ٽيڪس نه هوندو.

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مفاهمتي ياداشت تي صحيحن واري ڏينهن ئي ڳالهيون ٿينديون: ايراني پرڏيهي وزير

ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مفاهمتي ياداشت تي صحيحن واري ڏينهن ئي ڳالهيون شروع ٿينديون. عباس عراقچي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پهرين مرحلي کانپوءِ حتمي ڊيل لاءِ 60 ڏينهن ۾ ڳالهيون ٿينديون. هن چيو ته حتمي ڊيل لاءِ ڳالهين ۾ جوهري مسئلو ۽ پابندين جو خاتمو شامل آهي. واضح رهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون برگن اسٽاڪ ۾ 19 جون تي ٿينديون، جيڪو سوئٽزرلينڊ جي وزارت خارجه موجب لوسرن جي ويجهو هڪ ڏکي جڳهه آهي ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان موزون سمجهي وڃي ٿي.

اسرائيل کي لبنان جي قبضي هيٺ آيل علائقن مان نڪرڻو پوندو، شهرين جي پنهنجن گهرن ڏانهن واپسي ٿيڻ گهرجي“: قاليباف

ايراني اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته اسرائيل کي لبنان جي قبضي هيٺ آيل علائقن مان نڪرڻو پوندو ۽ ڏکڻ لبنان جي شهرين جي پنهنجن گهرن ڏانهن واپسي ٿيڻ گهرجي. ايراني اسپيڪر محمد باقر قاليباف جو لبناني هم منصب سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن مفاهمتي ياداشت ۾ ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ تي زور ڏنو.ان کان علاوه ايراني پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي سربراهه ابراهيم عزيزي چيو آهي ته ايران خلاف هڪطرفا فيصلا مڙهڻ جو دور ختم ٿي چڪو آهي، ايران آمريڪا کي پنهنجي شرطن تي مذاڪرات جي ميز تي اچڻ لاءِ مجبور ڪيو. هن چيو ته آمريڪا کي لبنان خلاف جنگ جي خاتمي جو واعدو ۽ مفاهمتي ياداشت جي سمورن نڪتن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو، ڪنهن به خلاف ورزي جو سخت ۽ منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

آمريڪا ۽ ايران معاهدي ۾ 300 ارب ڊالرن جو خانگي سيڙپڪاري فنڊ شامل: خبرن واري ايجنسي

پرڏيهي خبرن واري ايجنسي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ ايران معاهدي ۾ 300 ارب ڊالرن جو خانگي سيڙپڪاري فنڊ شامل آهي. خبرن واري ايجنسي موجب، هن فنڊ جو مقصد ايران ۾ توانائي، لاجسٽڪس ۽ مئنيوفڪچرنگ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 150 ارب ڊالرن کان وڌيڪ سيڙپڪاري جي يقين دهاني اڳيئي ٿي چڪي آهي، ۽ معاهدي کانپوءِ ايران کي تيل جي وڪري ۽ برآمدات بحال ڪرڻ جي اجازت ملڻ جو امڪان آهي، جنهن سان ايران تيل ۽ ٻيندڻ جو وڪرو فوري طور تي بحال ڪري سگهندو.آمريڪي اهلڪار موجب، پابندين ۾ اها رعايت بئنڪنگ، ٽرانسپورٽ ۽ انشورنس خدمتن تي به لاڳو ٿيندي، پر اها سهولت ايران پاران معاهدي جي شرطن تي عملدرآمد سان مشروط هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو