واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا اسرائيلي آبادين جي اڏاوت روڪڻ بابت سلامتي ڪائونسل جي تجويز ڪيل قرارداد کي غير موثر قرار ڏئي ڇڏيو.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان ويدانت پٽيل چيو آهي ته سلامتي ڪائونسل جي قرارداد ٻن رياستن جي حل جي ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مددگار نه آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب قرارداد جي مسودي ۾ اسرائيل کان مطالبو ڪيو ويندو ته هو والاريل فلسطيني علائقن ۾ نئين بستين جي اڏاوت کي فوري ۽ مڪمل طور بند ڪري.واضح رهي ته عرب امارات طرفان والاريل اولهه ڪناري تي نيون بستيون اڏائڻ خلاف ٺهراءُ اڄ سلامتي ڪائونسل ۾ پيش ڪيو ويندو.










