اسد عمر عدالتن کي اسڪينڊلائيز ڪيو، ٽرانسڪرپٽ سميت عدالت طلب

اسد عمر عدالتن کي اسڪينڊلائيز ڪيو، ٽرانسڪرپٽ سميت عدالت طلب

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ پي ٽي آءِ احتجاجي ڌرڻي ڪيس ۾ اسد عمر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ جي جسٽس جواد حسن پي ٽي آءِ جي احتجاجي ڌرڻن خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ پي ٽي آءِ طرفان سي پي او، ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي ۽ ايڊووڪيٽ فيصل چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران جسٽس جواد حسن رمارڪس ڏنا ته اسد عمر 26 نومبر جي اجلاس ۾ عدالتن ۽ ججن کي نشانو بڻايو، سڀ کان پهريان 26 نومبر جي اجلاس ۾ اسد عمر جي تقرير ڏسنداسين، هن عدالتن جي توهين ڪئي ۽ عدليه جي توهين ڪئي، ان تي توهين آميز لفظ استعمال ڪيا. عدالت چيو ته ايڊيشنل رجسٽرار لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ اسد عمر جي خطاب تي جواب طلب ڪري ورتو آهي، آئين جي آرٽيڪل 14 تحت ڪنهن به اداري ۽ شخصيت کي تڪراري نٿو بڻائي سگهجي، عدالت کي آرٽيڪل 14 204B تحت سزا ڏيڻ جو اختيار آهي. عدالت اسد عمر کي اربع 7 ڊسمبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو ۽ سندس بيان جي وڊيو ۽ ٽرانسڪرپٽ به طلب ڪري ورتا.عدالت اسد عمر جي وڪيل کي ايندڙ ٻڌڻي تي پنهنجي موکل کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 7 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو