اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين اسحاق ڊار جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ناڻي وارو وزير پنهنجا معاشي انگ اکر درست ڪري.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شوڪت ترين چيو ته پاڪستان جي جي ڊي پي قوت خريد جي لحاظ کان دنيا ۾ 24هين نمبر تي آهي.هن چيو ته 2022ع ۾ قوت خريد جي بنياد تي پاڪستان جي جي ڊي پي 23هين نمبر تي اچي وئي هئي، اهو ڪرونا جي وبا جي باوجود بهتر اعشاريه آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت ترين جو چوڻ آهي ته اسان پاڪستان جي رينڪنگ بهتر ڪئي آهي، اسحاق ڊار 47هين رينڪنگ جو حوالو ڏنو جيڪو اصل ۾ 42هين نمبر تي آهي.اڳوڻي ناڻي واري وزير چيو ته اسحاق ڊار حقيقتن کي مسخ ڪرڻ جي پراڻي عادت نه استعمال ڪري.هن جو اهو به چوڻ آهي ته ماضي ۾ پاڪستان تي آءِ ايم ايف پاران عوام کي غلط معلومات ڏيڻ تي ڏنڊ لڳايو ويو، ڇا اسحاق ڊار واقعي سوچيو هو ته هو ان سان ڀڄي ويندو؟










