اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت نيب ريفرنس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جا گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا.اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران اسحاق ڊار پنهنجي وڪيل قاضي مصباح سميت عدالت ۾ پيش ٿيو.اسحاق ڊار جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته اسحاق ڊار جا گرفتاري وارنٽ مستقل طور تي رد ڪيا وڃن.اسحاق ڊار جي وڪيل قاضي مصباح وڌيڪ استدعا ڪئي ته اسحاق ڊار جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم به ختم ڪيو وڃي، اسحاق ڊار هاڻي عدالت ۾ پيش آهي.جج محمد بشير پڇاڻو ڪيو ته ڇا نيب پاڻ اسحاق ڊار جا وارنٽ جاري ڪيا آهن؟ جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته نيب وارنٽ جاري ڪيا هئا پر کين معطل ڪيو ويو آهي.اسلام آباد جي احتساب عدالت اسحاق ڊار جا گرفتاري وارنٽ رد ڪندي کيس هڪ لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










