ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ محمد زبير چيو آهي ته مون سان منسوب غلط خبر ڏني وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته پارٽي ڊار صاحب جي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهي.هڪ بيان ۾ محمد زبير چيو ته مون ڪڏهن به ائين نه چيو، مان اهو ضرور چوندس ته ڊار صاحب پنهنجي طور ڪوشش ڪئي ته پاڪستان جي عوام تي بار نه پوي، ان ڪري هن پرڏيهي مٽاسٽا جا ٻيا ذريعا آڻڻ جي ڪوشش ڪئي.










