اسحاق ڊار آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ سان ڳالهين لاءِ آمريڪا روانو

اسحاق ڊار آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ سان ڳالهين لاءِ آمريڪا روانو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار آمريڪا روانو ٿي ويو.ناڻي واري وزارت موجب ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار آمريڪا جي دوري دوران آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي عملدارن سان ڳالهيون ڪندو.اسحاق ڊار آءِ ايم ايف جي نمائندن سان قرض پروگرام تي ڳالهيون ڪندو جڏهن ته ورلڊ بينڪ جا آفيسر به فنڊز سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪندا.پاڪستان باضابطه طور تي هلندڙ مالي سال 2022-23 لاءِ ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ تي نظرثاني جي درخواست ڪندو، جنهن ۾ وڌندڙ مهانگائي، جي ڊي پي جي ترقي ۾ گهٽتائي، بجيٽ خسارو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي هدفن ۾ نرمي جي درخواست ڪئي ويندي.هڪ سينيئر پاڪستاني اهلڪار جي مطابق، آءِ ايم ايف کي به چيو ويندو ته واڌو فنڊ سهولت (اي ايف ايف) سان جڙيل شرطن کي آسان ڪيو وڃي، جنهن ۾ ايندڙ ڪجهه مهينن لاءِ پيٽروليم ليوي منجمد ڪرڻ ۽ بجلي جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ شامل آهن. ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ جي نظرثاني هن مالي سال جي سخت ٻوڏ جي نتيجي ۾ ڪئي ويندي جنهن تباهي مچائي ڇڏي ۽ پاڪستان جي جدوجهد ڪندڙ معيشت کي تعميراتي خرچن ۾ 30 بلين ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو