پيرجوڳوٺ (صفي الله منڱڻيجو) سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي نگراني ۾ هلندڙ شاهه لطيف پبلڪ اسڪول جي استاد پاران هڪ ڏينهن اسڪول نه اچڻ تي چوٿين ڪلاس ۾ پڙهندڙ شاگرد عبيد الله پٽ ڌر محمد ڦلپوٽو تي وحشياڻو تشدد ڪندي کيس منهن مٿي ۽ ٻانهن تي پٽي سان تشدد ڪيو جنهن شاگرد جي وات مان رت اچڻ سبب 10 سالا شاگرد عبيد الله ڦلپوٽو رتورت ٿي ويو جنهن بعد ڪلاس ۾ موجود استادن پهچي شاگرد کي رتورت حالت ۾ کڻائي خانگي اسپتال پهچايو جتي شاگرد جي چپ ۾ چار ٽاڪا لڳائي وهندڙ رت بند ڪري چپ تي پٽي لڳائي وئي جڏهن ته استاد جي تشدد سبب شاگرد جو هڪ ڏند پڻ ڀڄي پيو آهي. ان سلسلي ۾ تشدد جو شڪار بڻيل ٻار جي چاچي نور محمد ڦلپوٽو جي فرياد تي پريالوءِ پوليس استاد ابوبڪر ميمڻ خلاف اين سي داخل ڪرائڻ بعد پريس ڪلب پريالوءِ پهچي اسڪول جي استاد خلاف احتجاج ڪندي ٻدايو ته سندس ڀائٽيو عبيدالله بخار سبب ڇنڇر ڏينهن اسڪول ڪونه آيو جيڪو اڄ سومر ڏينهن اسڪول پڙهڻ لاءِ پهتو ته اسڪول جي ماستر کيس هڪ ڏينهن اسڪول نه اچڻ تي مٿس وحشياڻو تشدد جو نشانون بنائيندي کيس رتورت ڪري ڇڏيو. هنن اعلي اختيارين کان اسڪول انتظاميه ۽ استاد خلاف ڪارروائي جي گهر ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.










