اسان سڀني وقت کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي: آصف زرداري

اسان سڀني وقت کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان سڀني وقت کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي.ڪراچي ۾ صوبائي وزيرن سان ملاقات دوران آصف علي زرداري چيو ته سياسي پارٽين ۽ اسٽيبلشمينٽ جا لاڳاپا وقت سان گڏ بهتر ٿيا آهن. هن چيو ته اهي لاڳاپا وقت سان گڏ بهتر ٿيندا، سڀني جو مقصد ملڪ جي ترقي ۽ جمهوريت جي مضبوطي آهي.پ پ جي شريڪ چيئرمين وڌيڪ چيو ته آئين جي پاسداري ڪندي ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ اتحادي حڪومت، اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.هن چيو ته عمران خان هن بحران ۾ ملڪ ڇڏي ويو، پي ٽي آءِ جو دور صحافت جي حوالي سان اونداهو دور رهيو آهي. آصف علي زرداري جو اهو به چوڻ هو ته ڪاش عمران خان پنهنجي دور حڪومت ۾ به صحافين جي حقن جو سوچي ها، صحافين کي هميشه آزادي ملي آهي ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ به ملندي رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو