اسان جي نااهل حڪومت اڄ به آمريڪا کان ڊڄي پئي: شيرين مزاري

اسان جي نااهل حڪومت اڄ به آمريڪا کان ڊڄي پئي: شيرين مزاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ انساني حقن واري اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري چيو آهي ته اسان جي نااهل حڪومت اڄ به آمريڪا جي خوف ۾ آهي.ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ شيرين مزاري چيو ته پرڏيهي وزير افغانستان ۾ اهم سمرقند اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.هن زور ڏنو ته اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته آمريڪا ڀارت سان اتحاد کي ترجيح ڏئي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته يمن ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ سعودي عرب جي قدمن ۾ مثبت اڳڀرائي آهي.شيرين مزاري چيو ته اسان کي انهن بدلجندڙ حالتن تي آمريڪي نقطه نظر کان نه پر پنهنجي نظر رکڻ جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو