اسامه قتل ڪيس چيف ڪمشنر جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي

اسامه قتل ڪيس چيف ڪمشنر جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو)وفاقي گادي واري شهر ۾ دهشتگردي جي انت واري فورس جي اهلڪارن جي فائرنگ سبب مارجي ويل نوجوان اسامه جي ڪيس جي جاچ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي آهي.جي آءِ ٽي دهشتگردي جي ايڪٽ سيڪشن 19 جي تحت چيف ڪمشنر جوڙي ڇڏي جنهن جي سربراهي ايس پي صدر سرفراز ورڪ ڪري رهيو آهي. جي آءِ ٽي ۾ ٽوٽل 7 ميمبر هوندا. اءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ آءِ بي جو به هڪ هڪ نمائندو جي آءِ ٽي ۾ شامل آهي.ڊي ايس پي رمنا، ڊي ايس پي انويسٽيگيشن ۽ ايس ايڇ او رمنا به جي آءِ ٽي جو حصو آهن. ٽيم کي جلد کان جلد پنهنجي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اسامه نديم جي قتل  وارو واقعو سينيٽ جي انساني حقن واري ڪميٽي ۾ به اٿارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ڪميٽي جي چيئرمين مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته هٿيار آخري آپشن هجڻ گهرجن ۽ اهو معاملو 6 جنوري تي ٿيندڙ اجلاس ۾ به اٿاريو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو