ڪراچي(رپورٽر)سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته ارشد شريف جي قتل تي ڏاڍو ڏک ٿيو، صحافت ۾ اهڙا واقعا نه ٿيڻ گهرجن، واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران هن صحافين سان ڳالهه ٻولهه به ڪئي عمران خان جي لانگ مارچ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ آغا سراج چيو ته عمران خان پاڻ ٻڌائيندو ته هن ڪهڙي رٿابندي ڪئي آهي هن چيو ته مان پاڻ گهر ۾ نظربند آهيان، سڀني کي ملڪ جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي










