ارسا ۾ وفاق جو نمائندو سنڌ مان مقرر نه ٿيڻ خلاف ٺهراءُمنظور

ارسا ۾ وفاق جو نمائندو سنڌ مان مقرر نه ٿيڻ خلاف ٺهراءُمنظور

ڪراچي (دريا خان شر) سنڌ اسيمبلي ارسا ۾ وفاق جو نمائندو سنڌ مان مقرر نه ٿيڻ خلاف ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو . ايوان ۾ موجود سمورين جماعتن جن ۾ پي ٽي آءِ، جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم به ٺهراءَ جي حمايت ڪري ڇڏي. شهريار مهر چيو ته پيپلز پارٽي جڏهن وفاق ۾ حڪومت ۾ هئي ته ارسا ۾ وفاق جو نمائندو سنڌ مان مقرر نه ڪيو هو ۽ چشما جهلم لنڪ ڪينال تي بجلي گهر جي اين او سي به ڏني هئي. سنڌ. اجلاس دوران ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته 1999ع ۾ جاري ٿيل چيف ايگزيڪيوٽو آرڊر (ايل ايف او) کي آئيني تحفظ مليل آهي، جنهن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ارسا ۾ وفاق جو نمائندو سنڌ مان مقرر ڪيو ويندو، موجوده وفاقي حڪومت پنجاب مان نمائندو مقرر ڪري ناانصافي ڪئي آهي. وفاقي ڪابينا جي 11 ميمبرز مان 3 سنڌي ڳالهائيندڙ ميمبر اجلاس دوران غير حاضر رهيا، سنڌ جي عوام کي اُنهن ميمبرز ۽ وزيرن کان پُڇاڻو ڪرڻ گهرجي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هن فيصلي سان سنڌ ۾ محروميءَ جو احساس وڌندو، ڀلي اپوزيشن وارا ساٿ نه ڏين، پر هو سنڌ جي حقن لاءِ ويڙهه جاري رکندا. پيپلز پارٽي طرفان پيش ڪيل ٺهراءُ جي جي ڊي اي سان واسطو رکندڙ حسنين مرزا، پي ٽي آءِ ايم پي اي حليم عادل شيخ ۽ متحده پاڪستان جي ڪنور نويد جميل حمايت ڪئي. اُن موقعي تي ڳالهائيندي حسنين مرزا چيو ته ڊاڪٽر فهميده مرزا سرڪاري دوري تي آذر بائيجان ويل آهي. هن وزيراعظم سان گذريل ڏينهن ملاقات دوران سخت موقف رکيو ويو ۽ واضح طور چيو هو ته سنڌ جي اشوز تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي. جڏهن ننڍڙو ماڻهو وڏي ڪرسي تي ويندو آهي ته غلط بياني ۽ غلط فيصلا ڪندو آهي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي متحده ايم پي اي خواجه اظهار ٺهراءُ جي حمايت ته ڪئي پر پيپلز پارٽي تي تنقيد به ڪئي. هن چيو ته هر ڀيري پيپلز پارٽي وارا سنڌ ڪارڊ کيڏندا آهن، ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو هجڻ گهرجي، پر اپوزيشن جو نمائندو ڇو نه؟ سندس نظر ۾ وزيراعظم صحيح فيصلو ڪيو آهي. سنڌ ۾ اپوزيشن کي ڪهڙي نمائندگي ملي آهي؟ ڪي ڊي اي، واٽر بورڊ ۽ يونيورسٽيز ۾ اسان جي ڪوٽا ڪٿي آهي؟ يونيورسٽيز ۾ آڱوٺي ڇاپ وي سي مقرر ڪيا ويا، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 11 ميمبرز مان ڪراچي جو ڊوميسائيل رکندڙ هڪ به ميمبر نه آهي. هُن وڌيڪ چيو ته سندن جماعت اصولي طور تي ٺهراءُ جي حمايت ڪري ٿي، پر پيپلز پارٽي کي آئينو ڏيکارڻ ضروري آهي. اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي به ارسا ۾ وفاق جو نمائندو مقرر نه ٿيڻ خلاف ٺهراءُ جي حمايت ڪئي ۽ تبديلي لاءِ ترميمون تجويز ڪيون. فردوس شميم نقوي جو چوڻ هو ته جنهن وقت پيپلز پارٽي جي وفاق ۾ حڪومت هئي، اُن وقت به ارسا ۾ سنڌ مان وفاق جو نمائندو مقرر نه ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو