لاهور(ويب ڊيسڪ) اداڪارا بابرا شريف گهر ۾ لڳل سيڪيورٽي ڪيمرائن جي مدد سان چوري کان بچي وئي. اداڪارا بابرا شريف لاهور جي علائقي گلبرگ ۾ رهي ٿي، چوري سندس گهر ۾ ٿي.ڇا ٿيو اهو ته 4 نامعلوم چور گهر ۾ نقاب پوش داخل ٿيا پر گهر ۾ لڳل سڪيورٽي ڪيمرائن کي ڏسي چور بغير ڪنهن ڏوهه جي گهر مان نڪري ويا. بابره شريف چيو آهي ته گهر ۾ چوري جي ناڪام واردات جي سي سي ٽي وي وڊيو به موجود آهي، ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ گلبرگ ٿاڻي کي درخواست به ڏني آهي.










