اتر وزيرستان جي ڪجهه علائقن ۾ ٻئي ڏينهن به ڪرفيو لاڳو

اتر وزيرستان جي ڪجهه علائقن ۾ ٻئي ڏينهن به ڪرفيو لاڳو

اتر وزيرستان (ويب ڊيسڪ)سيڪيورٽي خدشن جي ڪري اتر وزيرستان ۾ ٻئي ڏينهن به ڪرفيو لاڳو آهي.ضلعي انتظاميا موجب، اتر وزيرستان ۾ صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين ڪرفيو لاڳو رهندو.انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڪرفيو دوران ميران شاهه کان دته خيل، رزمڪ، مير علي ۽ بنون تائين هاءِ ويز تي ٽريفڪ معطل رهندي.شهرين کي ڪرفيو لاڳو ڪرڻ ۽ متبادل رستا استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ضلعي انتظاميا چيو آهي ته سيڪيورٽي خدشن جي ڪري ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو