آڊيو ليڪس،جاچ ڪميٽي عدالت ۾ چئلينج

آڊيو ليڪس،جاچ ڪميٽي عدالت ۾ چئلينج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب قومي اسيمبلي طرفان مبينه آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.نجم ثاقب طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ پارلياماني معاملن واري سيڪريٽري، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، خصوصي ڪميٽي ۽ سيڪريٽري ڪميٽي کي ڌر بنايو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 2 مئي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر مبينه آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي. آڊيو ليڪس پٽيشنر جي پرائيويسي ۾ مداخلت ۽ غيرقانوني سرويلنس جو نتيجو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو