اسلام آباد(بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاران آڊيو ليڪس جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي اعتراض اٿاريا ويا.سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس عمران خان جي درخواست اعتراضن سان واپس ڪري ڇڏي.رجسٽرار آفيس طرفان اعتراض واري نقطي ۾ چيو ويو آهي ته درخواستگذار عمران خان لاڳاپيل فورم جو حوالو ناهي ڏنو، درخواست ۾ بنيادي حقن جي معاملي جي وضاحت ناهي ڪئي وئي.عمران خان جي درخواست تي اهو به اعتراض ڪيو ويو آهي ته اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته آرٽيڪل 184/3 آڊيٽوريم ڪيس تي ڪيئن لاڳو ٿئي ٿو.










