اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن خلاف داخل درخواستون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون آهن.چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ 6 جون تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شاهد وحيد شامل آهن.عدالت اٽارني جنرل سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.پي ٽي آءِ چيئرمين، صدر ۽ سيڪريٽري سپريم ڪورٽ بار ۽ ايڊووڪيٽ حنيف راهي درخواست داخل ڪئي آهي.










