اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سيشن ڪورٽ آڊيو ليڪ ڪيس ۾ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا وارنٽ رد ڪري ڇڏيا آهن. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جاويد اقبال سپرا آڊيو ليڪ ڪيس ۾ علي امين گنڊاپور خلاف جاري ڪيل وارنٽ جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران، بچاءُ جي وڪيل چيو ته علي امين گنڊاپور جي صرف هڪ ٻڌڻي تي پيش نه ٿيڻ جي ڪري سندس لاءِ غير ضمانتي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيو ويو هو. علي امين عدالت ۾ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن ۽ عدالت جي رحم ڪرم تي آهن. بچاءُ جي وڪيل وارنٽ منسوخ ڪرڻ جي درخواست ڪندي چيو ته جيڪا عدالت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري سگهي ٿي، اها انهن کي منسوخ به ڪري سگهي ٿي. بعد ۾ عدالت علي امين گنڊاپور آڊيو ليڪ ڪيس ۾ وارنٽ رد ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 15 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










