آمريڪي سازش جو مقصد عوام کي گمراهه ڪرڻ هو، اسفند يار ولي

آمريڪي سازش جو مقصد عوام کي گمراهه ڪرڻ هو، اسفند يار ولي

پشاور(ويب ڊيسڪ)عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته عمران خان اعتراف ڪري چڪو آهي ته آمريڪي سازش جو نعرو عوام کي گمراهه ڪرڻ جي سازش هئي.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته سازشي داستان کي ناڪام ٿيندي ڏسي عمران نيازي پاڻ پنهنجي ڳالهه کي ڪوڙو ثابت ڪري رهيو آهي.اسفند يار ولي چيو ته جنهن ملڪ جي سالميت کي داغدار ڪيو اهو چئي رهيو آهي ته معاملو ختم ٿي ويو، سڀ کان وڏو غلام پاڻ آهي، جيڪو چئي رهيو آهي ته هو هاڻي هليو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو