آمريڪي امداد، موڊرينا ويڪسين پاڪستان حوالي

آمريڪي امداد، موڊرينا ويڪسين پاڪستان حوالي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آمريڪا کان موڊرينا ويڪسين جون 25 لک خوراڪون پھچي ويون آهن. امريڪي سفارتخاني موجب موڊرينا ويڪسين امريڪا طرفان عطيو ڪيون ويون آھن. امريڪي سفارتخاني جي ناظم الامور اينجلاپي ايگلر جو چوڻ ھو تھ امريڪا ڪورونا ويڪسين پاڪستان موڪليون ۽ ويڪسين پاڪستان پھچڻ گڏيل تعاون کانسواءِ ممڪن نھ ھو. ھن ٻڌايو تھ ويڪسين پاڪستان جي حوالي ڪري ڇڏي آھي جڏھن تھ وبا ۾ مدد جي لاءِ پاڪستان کي 50 ملين ڊالرز الڳ فراھم ڪيا ھئا جڏھن تھ ويڪسين جي معاملي تي پاڪستان سان تعاون جاري رھندو. ٻئي پاسي ايسٽرازنيڪا ويڪسين جون وڌيڪ خوراڪون ھلندڙ مھيني ملڻ جو امڪان آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو