واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي سپريم ڪورٽ ٻار ڪيرائڻ جو حق ڏيڻ وارو وفاقي قانون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. عدالتي فيصلي جو متن جيڪو ججن کي مهيا ڪيو ويو آهي ان جي ڪاپي ليڪ ٿي ميديا ۾ اچي وئي آهي ۽ دنيا جي سپر پاور ۾ ان تي بحث شروع ٿي ويو آهي. عدالتي فيصلو جيڪو ٻن مهينن تائين باضابطه جاري ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪڏهن ٻار ڪيرائڻ تي پابندي لڳي ٿي ته ان سان لکين عورتون ان حق کان مهروم ٿي وينديون. آمريڪا جي 22 رياستن ۾ ٻار ڪيرائڻ بابت ڌار ڌار قانون موجود آهن، ڪنهن رياست ۾ 6 هفتن اندر ٻار ڪيرائڻ جائز آهي ته ڪٿي وري ڪو ٻيو شرط آهي. آمريڪا م اهو به بحث ٿيندو رهيو آهي ته1973 ۾ رو بمقابله ويڊ ڪيس جي فيصلي جي نتيجي ۾ ٻار ڪيرائڻ جو حق ڏيڻ وارو وفاقي قانون ٺهيو هو. جنهن کي موجوده سپريم ڪورٽ رد ڪري رهي آهي. اهو به پهريون موقعو آهي ته عدالت جو فيصلو ٻڌئڻ کان اڳ ليڪ ٿي ويو آهي. آمريڪا ۾ اميزون سميت وڏيون ڪمپنيون عورت ملازمن کي ٻار ڪيرائڻ لاءِ 4 هزار ڊالر تائين الائونس به ڏينديون آهن. ڇو ته ٻار پيدا ٿيڻ بعد ميٽرنٽي جي موڪل، ٻار جي رکوالي جي موڪل سبب ڪمپنيون سمجهن ٿيون ته ان سان کين نقصان ٿئي ٿو. هن سڄي معاملي پويان اربين دالر جي ميڊيڪل انڊسٽري به آهي جيڪي هر سال ٻار ڪيرائڻ جي آپريشن ۽ علاج جي طريقن سان اربين دالر ڪمائين ٿيون.










