آمريڪا: مودي جي انتهاپسند پاليسين خلاف احتجاج ڪندڙ مظاهرين تي حملو

آمريڪا: مودي جي انتهاپسند پاليسين خلاف احتجاج ڪندڙ مظاهرين تي حملو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ ڀارتي وزيراعظم جي انتهاپسند پاليسين خلاف مظاهرو ڪندڙ هندو انتها پسندن حملو ڪري ڏنو.پرڏيهي ميڊيا موجب ڪيليفورنيا ۾ مودي حڪومت جي انتهاپسند پاليسين خلاف احتجاج ڪندڙ عورتن تي هندو انتها پسندن حملو ڪيو. انتهاپسند هندن مسلمانن ۽ هيٺئين ذات جي هندن تي مظالم جي عڪاسي ڪندڙ بينر ۽ پوسٽر ڦاڙي ڇڏيا. آمريڪي ميڊيا رپورٽن موجب پوليس پهچي صورتحال تي ضابطو آندو ۽ انتهاپسند هندو منتشر ٿي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو