آمريڪا سان ٻيهرڳالهيون شروع ڪرڻ بابت فيصلو ناهي ٿيو: ايران

آمريڪا سان ٻيهرڳالهيون شروع ڪرڻ بابت فيصلو ناهي ٿيو: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو چوڻ آهي ته آمريڪا سان ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ بابت اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ڪيو ويو. ايراني پرڏيهي وزير پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ثالث ملڪ پاڪستان ۽ قطر، ايران سان پيغامن جي مٽاسٽا ڪري رهيا آهن. ايراني پرڏيهي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته پيغامن جي مٽاسٽا جو هرگز اهو مطلب ناهي ته باقاعده ڳالهيون هلي رهيون آهن.

صدر ٽرمپ پاران هرمز تنگي کي آمريڪي علائقو قرار ڏيڻ جو اعلان مذاق ۾ ڪيو ويو هو: وائيٽ هائوس عهديدار
آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل موجب وائيٽ هائوس جي هڪ عهديدار جو چوڻ آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي تقرير ۾ هرمز تنگي (Strait of Hormuz) کي جلد آمريڪي علائقو قرار ڏيڻ جو اعلان رڳو مذاق ۾ ڪيو هو.

عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافو
تيلي ٽينڪرن تي حملن جي خبرن ۽ ٽرمپ انتظاميه توڙي ايران وچ ۾ امن معاهدي تي اڳڀرائي نہ ٿيڻ سبب اڄ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ هڪ ڊالر کان وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي. برينٽ ڪچو تيل 1.45 ڊالر يعني 1.67 سيڪڙو اضافي سان 88.52 ڊالر في بيرل تي بند ٿيو، جڏهن ته آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ (WTI) ڪچي تيل جي قيمت 1.15 ڊالر وڌي 82.40 ڊالر في بيرل ٿي وئي. برينٽ ۽ WTI ٻنهي ۾ هفتاوار بنيادن تي بالترتيب 6 سيڪڙو ۽ 5.4 سيڪڙو اضافي جو امڪان آهي.

هرمز تنگي کي کولڻ يا بند ڪرڻ جو اختيار صرف ايران وٽ هوندو:
ايراني نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آباديءَ جو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران هرمز تنگي کي آمريڪي علائقو قرار ڏيڻ واري بيان تي ردعمل سامھون اچي ويو آهي. ايراني نائب پرڏيهي وزير چيو ته هرمز تنگي کي کولڻ يا بند ڪرڻ جو اختيار صرف ايران وٽ هوندو، ايران آمريڪا جي دھمڪين يا طاقت جي مظاهري کان بلڪل خوفزده ناهي.واضح رهي ته ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته هو جلد هرمز تنگي کي آمريڪي علائقو قرار ڏيڻ جو اعلان ڪندو. صدر ٽرمپ فاڪس نيوز سان گفتگو ڪندي چيو هو ته آمريڪا ايران تي سخت اقتصادي دٻاءُ وجهڻ جي تياري ڪري رهيو آهي ته جئين تهران کي جنگ ختم ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهجي.

تمام جلد مان هرمز تنگي کي آمريڪا جو علائقو قرار ڏيڻ جو اعلان ڪندس: صدر ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو جلد هرمز تنگي کي آمريڪي علائقو قرار ڏيڻ جو اعلان ڪندو. صدر ٽرمپ فاڪس نيوز سان گفتگو ڪندي چيو ته آمريڪا ايران تي سخت اقتصادي دٻاءُ وجهڻ جي تياري ڪري رهيو آهي ته جئين تهران کي جنگ ختم ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهجي. اهم سامونڊي لنگهه بابت ٽرمپ جو هي بيان ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافي جو سبب بڻجي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هرمز تنگي واري رستي تان عالمي تيل جي سپلاءِ جو هڪ وڏو حصو گذري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو