آمريڪا جو لارڪ ٻيٽ تي حملو، پاسدارن پاران بيلسٽڪ ميزائل فائر

آمريڪا جو لارڪ ٻيٽ تي حملو، پاسدارن پاران بيلسٽڪ ميزائل فائر

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني انقلابي گارڊز دعويٰ ڪئي آهي ته انهن هڪ آمريڪي ڊرون، MQ-9، کي ڪيرايو آهي.هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي موجب، انقلابي گارڊز چيو ته انهن آبنائي هرمز تي هوائي دفاعي ميزائلن سان هڪ آمريڪي ڊرون کي ڪيرايو. حملي کان پوءِ، آمريڪي ڊرون خليج جي پاڻي ۾ ڪري پيو.ايراني سرڪاري ٽي وي جو چوڻ آهي ته ايراني فوج ڊرون سان گڏيل عرب امارات ۾ المنها هوائي اڏي کي نشانو بڻايو آهي. ايران لارڪ ٻيٽ تي حملي جي جواب ۾ اردن ۾ مقرر آمريڪي فوجن تي حملو ڪيو.ايراني انقلابي گارڊز جو چوڻ آهي ته انهن لارڪ ٻيٽ تي آمريڪي حملي جو جواب ڏنو، اردن ۾ ٻن آمريڪي اڏن کي بيلسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻايو.نيوز ايجنسي هڪ آمريڪي صحافي جي حوالي سان رپورٽ ڪئي ته ايراني حملي ۾ ڪو به نقصان نه ٿيو آهي.آمريڪي ذريعن جو دعويٰ آهي ته ايران کان فائر ڪيل تقريبن سڀئي ميزائل هوا ۾ ناڪاره ٿي ويا.ٻئي طرف، اردن جي هٿياربند فوجن جو چوڻ آهي ته انهن اڄ پنهنجي هوائي حدن ۾ داخل ٿيندڙ 8 ميزائلن کي ڪيرايو.ان کان اڳ، ايراني انقلابي گارڊ ڪور دعويٰ ڪئي هئي ته لارڪ ٻيٽ تي آمريڪي حملي ۾ ڪيترائي ايراني اهلڪار ۽ شهري شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن.هڪ آمريڪي عهديدار چيو ته آمريڪي فوجن ايران جي لارڪ ٻيٽ تي ٻن آءِ آر جي سي راڪيٽ لانچرن تي بمباري ڪئي. ايران تي جولاءِ جي آخر کانپوءِ پهريون ڀيرو آمريڪا حملو ڪيو آهي ۽ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران سمنڊ ۾ بارودي سرنگهون وڇائي رهيو هو.

ايران جو خارگ ٻيٽ مڪمل طور تي تباهه ٿي رهيو آهي: آمريڪي صدر ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جو خارگ ٻيٽ مڪمل طور تي تباهه ٿي رهيو آهي.ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي هڪ اي آءِ وڊيو پوسٽ ڪئي جنهن ۾ اهو ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪي فوج ايران تي بمباري ڪري رهي آهي.ايران جون اهم تيل جون سهولتون خارگ ۾ واقع آهن. ايراني تيل ڪمپني جي سربراهه حامد بوارڊ چيو ته ٽرمپ جي اها ٽوئيٽ کل جوڳي آهي، ڇو ته خارگھ ۾ معمول موجب ڪم هلي رهيوآهي ۽ ڪو به حملو ناهي ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو