اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نيشنل پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ صحافت جي آزادي تي سينسرشپ آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته آمراڻي ۽ بزدل سوچ وارا ئي آزاد صحافت کان ڊڄندا آهن. جنرل ضياالحق جي وحشياڻي آمريت خلاف صحافين جي جدوجهد بيمثال آهي. هن چيو ته سياستدانن کي دٻائڻ لاءِ نيب ۽ آزاد صحافت کي دٻائڻ لاءِ سينسر شپ استعمال ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پيپلز پارٽي صحافت جي آزادي واري جدوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلندي. نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي سالياني چونڊ ۾ 4 پينل سامهون آيا پر جرنلسٽ پينل اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي. جنهن ۾ صدر شڪيل انجم، جنرل سيڪريٽري انور رضا، نائب صدر شاهه محمد عرف معشوق ڏيٿو، ڊاڪٽر سعديه ڪمال ۽ ٻيا ڪامياب ٿيا.
عدليا جي آزادي لاءِ اهڙو نظام جوڙجي جيڪو فرد جو ماتحت نه هجي
شاهين جا 4 شڪار، نيوزيلينڊ کي 9 رنز تان شڪست سيريز برابر
فواد چوڌري جي پي ٽي آءِ ۾ واپسي جو امڪان
پرڏيهي شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ اسپيشل فورس ٺاهڻ جو فيصلو
منشيات فروشن خلاف ڇاپا، 2 جوابدار سڳ سوڌا گرفتار
آمريڪا ريڊ لائنز ڪراس نه ڪري، چين جو پيغام
اسيمبليءَ جي قيام سان پارلياماني جمهوريت جي شروعات ٿي
وزيراعظم سعودي عرب پهچي ويو، اهم شخصيتن سان ملاقاتون
تحريڪ انصاف وارا مس ڪال جو انتظار ڪن پيا،فيصل ڪريم
هارين جي شڪايت جو نوٽيس،ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو حڪم
هڪ مافيا نٿي چاهي ته ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم ٿين: ميئر
انٽرنيٽ ڪيبل ۾ خرابي، مختلف ملڪن ۾ سروس سست
جسٽس بابر آڊيو ليڪ ڪيس کان ڌار ٿئي، درخواست داخل
ملڪ ۾ روڊن ۽ فوٽ پاٿن تان حددخليون هٽائڻ جو حڪم
هارين جو پنجاب اسيمبلي آڏو احتجاج جو اعلان
عدالتي حڪم تي وزيراعليٰ هائوس ٻاهران رڪاوٽون ختم
محمود خان اچڪزئي جا گرفتاري وارنٽ معطل
اغوا جي وارداتن ۾ ملوث 4 اهلڪارن جي نوڪري چٽ
ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي
مسافر ڪوچ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، پيءُ پٽ فوت