سکر(بيورو رپورٽ) آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام هيٺ گرفتار پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه خلاف احتساب عدالت سکر ۾ هڪ ارب 23 ڪروڙ روپين جي ڪرپشن ڪرڻ واري داخل ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي گذري، ٻڌڻي دوران سيد خورشيد احمد شاهه کي اين آءِ سي وي ڊي دل جي اسپتال کان احتساب عدالت ۾ ايمبولنس ذريعي پيش ڪيو ويو، احتساب عدالت ۾ ايف بي آر جي نمائندن جا بيان قلم بند ڪرڻ بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 18 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته آرمي چيف ۽ ٻين ادارن به حڪومت ۽ اپوزيشن کي گڏ ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر عمران خان اپوزيشن سان ڳالهائڻ گوارا نٿو ڪري، حڪومت پاران قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل 26هين آئيني ترميم جي بل ۾ سينيٽ جون چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ جي شڪ کي شامل نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته چيئرمين سينيٽ جي چونڊن ۾ حڪومت هارس ٽريڊنگ ڪري رهي آهي، عمران خان کي خوف آهي ته اپوزيشن کي ووٽ وڌيڪ پئجي ويندا. جنهن سبب هن اهڙو بل پيش ڪرايو آهي. جيڪڏهن عمران خان قوم ۽ ملڪ سان ايترو مخلص آهي ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جو گڏيل اجلاس گھرائي بل پيش ڪري ته کيس بدترين شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو. گڏيل اجلاس ۾ هن وٽ 2 سئو ۽ پي ڊي ايم وٽ 213 ووٽ آهن. هن چيو ته وزير اعظم غير مشروط استعيفيٰ پيش ڪرڻ کان اڳ پاڻ سان گڏ ويٺل ماڻهن جا به نالا کڻي ها، حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان برپا ٿي چڪو آهي، سوشل ميڊيا تي وزير اعظم جو مزاق اڏاريو پيو وڃي، وزير اعظم عمران خان جي غلط پاليسين سبب ملڪ هن وقت تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي، عمران خان هن وقت ضياءُ الحق، ايوب خان ۽ پرويز مشرف کان گھٽ نظر نٿو اچي، اسان عمران خان جا دشمن ناهيون، اسين چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي حڪمراني هجي.










