ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي جي صدر آفتاب صديقي پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پنهنجي وڊيو بيان ۾ آفتاب صديقي چيو ته مون سياست ڇڏي ڏني آهي ۽ پارٽي جي سمورن عهدن تان استعيفيٰ ڏني آهي.هن قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ جو اعلان پڻ ڪيو.










