ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي احتساب عدالت آغا سراج ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ريفرنس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. احتساب عدالت جي اڳوڻي جج جي رٽائرمينٽ کانپوءِ نئون جج مقرر نه ٿي سگهيو، جنهن سبب لنڪ عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي 26 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. قومي احتساب بيورو (نيب) موجب آغا سراج دراني ۽ ٻين تي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام آهي.










