زرداري نوٽن جا بيگ کنيون ٿو وتي: قريشي جو الزام

زرداري نوٽن جا بيگ کنيون ٿو وتي: قريشي جو الزام

لاهور ( م ڊ) پي ٽي آءِ جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هاڻي ڪير به وفاداري تبديل ڪندو ته اهو سياسي موت جي پرواني تي صحيح ڪندو.پنجاب اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته سترنهن جولاءِ جي ننڍي چونڊ ۾ عوام پئسو جو استعمال ڪري ضمير جي سوداگري ڪرڻ وارن کي رد ڪري ڇڏيو، مريم چوي ٿي ته هن هار مڃي ورتي آهي جڏهن ٻئي پاسي آصف زرداري نوٽن جا بيگ کنيو ڦرندو ٿو وتي، عوام لوٽن ۽ پئسن واري سياست دفن ڪري ڇڏي آهي.هن چيو ته هاڻ ڪير به وفاداري تبديل ڪندو ته اهو پنهنجي سياسي موت جي پرواني تي صحيح ڪندو.ان موقعي تي اسد عمر چيو ته الڪيشن ڪميشن پي ٽي آءِ، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي ڪيسز جو فيصلو گڏ ٻڌائي، بند ڪمرن ۾ فيصلا ڪرڻ وارو وقت گذري ويو، هاڻ عوام فيصلا ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن ڌر بڻجي چڪي آهي، پاڪستان ۾ جهموريت جي ترقي لاءِ آزاد اليڪشن ڪميشن اڻٽر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو