آصف زرداري صحتياب ٿي ويو، اسپتال مان بلاول هائوس منتقل

آصف زرداري صحتياب ٿي ويو، اسپتال مان بلاول هائوس منتقل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽ) اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اسپتال مان موڪل کان پوءِ بلاول هائوس پهچي ويو. اڳوڻو صدر ڪجهه ڏينهن اڳ طبيعت ناساز ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي ڊاڪٽر عاصم جي نگراني ۾ جوڙيل ڪميٽي سندس علاج ڪيو ان کان سواءِ گڏيل عرب امارات مان به ٽن ميمبرن تي ٻڌل ڊاڪٽرن جي ڪميٽي ڪراچي پهتي هئي. جنهن اڳوڻي صدر جي صحت ۽ علاج تي اطمينان ظاهر ڪندي سندس علاج لاءِ ٻاهرين ملڪ منتقل ڪرڻ جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو هو. پيپلزپارٽي جي ترجمان مطابق آصف علي زرداري کي ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجڻ جي شڪايت تي اسپتال آندو ويو هو جتي هو 13 ڏينهن علاج هيٺ رهيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو